مري سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان

اسلام آباد( م ڊ) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مري سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، ملڪي ڪوهستان مري سميت بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان  سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي مواصلاتي رستا بند ٿي ويا، ڇتون، ڀتيون ڊهي ويون. ، وڻ ٽٽي ويا ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا ڪيترائي واقعا پيش آيا.مري ۾ گذريل 2 ڏينهن جي برسات کانپوءِ برفباري شروع ٿي وئي آهي، موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مري ۾ وڌيڪ برفباري ۽ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي،  لوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري کانپوءِ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي. جڏهن ته ديامور، غذر، استور ۽ اسڪردو سميت گلگت بلتستان جي مختلف ضلعن ۾ برسات ۽ برفباري کانپوءِ مٿانهين علائقن سميت ڪيترن ئي هنڌن تي قراقرم هاءِ وي بند ٿي وئي آهي. ٻئي طرف آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٻه ماڙ رهائشي گهر سميت ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون، مظفرآباد، باغ سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيترائي رستا بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ سبب گهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي. سوات، ڪالام ۽ مالم ۾ برفباري، جبه سميت مختلف علائقن جا مواصلاتي رستا مڪمل طور بند ٿي ويا آهن، جنهن سبب اتي ڦاٿل سياحن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ٻئي طرف چترال، دير، ايبٽ آباد، صوابي، پارا چنار، هنگو، اورڪزئي ۽ اتر وزيرستان ۾ برسات ۽ برفباري سبب موسم سخت سرد ٿي وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان جا ڪيترائي ضلعا برفباري جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، جنهن سبب چمن. قلعه عبدالله، پشين قلات، مستونگ ۾ به موسم جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي، گوجرانوالا، جهلم، ڊي جي خان سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ به برسات ۽ گجگوڙ کانپوءِ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ ٿڌڪار جو امڪان آهي، جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، مٿانهين ۽ وچ پنجاب ۾ به برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مغربي هوائون هلنديون، 5 مارچ کان 7 مارچ تائين تيز برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 5 کان 7 مارچ دوران بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ان دوران سنڌ جي اتر اولهه وارن علائقن ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي، جڏهن ته بلوچستان جي تربت، گوادر، ڪيچ، چاغي، مستونگ، پشين ۽ قلعه عبدالله جا علائقا به برسات سبب متاثر ٿي سگهن ٿا.

  1. پنجاب ۾ گورنر جي لاءِ پيپلزپارٽي طرفان 3 نالا شارٽ لسٽ

لاهور (م ڊ) پيپلزپارٽي پنجاب ۾ گورنر لاءِ 3 نالا چونڊي ورتا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته قمر زمان ڪائره، مخدوم احمد محمود ۽ چوڌري رياض جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته گورنر ڪي پي ڪي لاءِ مختلف نالن تي مشاورت جاري آهي، گورنر ڪي پي جي لاءِ به نالا جلد شارٽ لسٽ ڪيا ويندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي صدارتي اليڪشن بعد پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي گورنرز جي نالن جو اعلان ڪندي.

  1. عمر ايوب جي خطاب دوران حنيف عباسي ۽ اسد قيصر ۾ ڳالهيون

اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ جو قومي اسيمبلي ميمبر حنيف عباسي عمر ايوب جي ايوان ۾ خطاب دوران اسد قيصر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، حنيف عباسي پنهنجي سيٽ تان اٿي اسد قيصر وٽ ويو ۽ هن اڳوڻي اسپيڪر سان گڏوگڏ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان سان به ڳالهايو، ان دوران عطا تاڙ ۽ بئريسٽر گوهر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ته حنيف عباسي نواز ليگ جي اڳواڻ کي پوئتي ڪري ڇڏيو، حنيف عباسي ۽ اسد قيصر جي ڳالهه ٻولهه بعد عطا تارڙ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن بعد نواز ليگ اڳواڻ پنهنجي ميمبرن کي سيٽن تي موڪلي ڇڏيو، نواز ليگ ميمبرز عمر ايوب جي سيٽ جي سامهون ڪيل احتجاج ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سيٽن تي واپس هليا ويا، جنهن بعد سني اتحادد ڪائونسل جا ميمبر به سيٽن تي ويهي رهيا.

  1. ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ لانچ ٻڏڻ سبب هڪ مهاڻو فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ابراھيم حيدري بڙا بندر جي ڀرسان سمنڊ ۾ لانچ ٻڏي وڄڻ جي نتيجي ۾ ھڪ مھاڻو ٻڏي فوت ٿي ويو. جنهن جو لاش ايڌي ايمبولينس جي ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو، لانچ ٻڏي وڄڻ  سبب فوت ٿي ويل مھاڻي جي سڃاڻپ 35 ورھين جي جعفر ۽ بيھوش ٿيل ماھيگري جي سڃاڻپ 50 سالن جي انعام الحق جي نالي سان ٿي آهي ٻئي مھاڻا ابراھيم  حيدري جا رھواسي آهن

  1. ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، افغان ڏوهاري گينگ سربراهه سميت 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر )  سي ٽي ڊي انٽيليجنس وڏي ڪاروائي ڪندي افغان ڏوهاري گينگ جي سربراهه نجيب الله کي سندس ساٿي صدام سميت گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. ڪائونٽر ٽيررازم  ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) موجب گرفتار جوابدار ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ خوف جي علامت سمجهيا ويندا هئا، جوابدارن جي گروپ ۾ 10 افغاني ڇوڪرا شامل آهن. ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار گروپ ڦر ۽ قتل جي ڪيترن ئي واقعن ۾ پوليس کي گهربل هو، جوابدار گروپ جي ٻن افغان ڌاڙيلن 13 فيبروري تي نارٿ ڪراچي ۾ ڦر دوران ڪانسٽيبل وحيد کي شهيد ڪيو هو. سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ وحيد کي قتل ڪندڙ پنهنجن ٻن ساٿين کي سڃاڻي ورتو آهي، جوابدارن کي ان کان اڳ سهراب ڳوٺ ، گلشن اقبال، گلبرڪ، الفلاح، سچل، بهادر آباد جي علائقن مان گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو هو. سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته جوابدار نجيب الله افغاني اڃا تائين سچل پوليس کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي، جوابدار نجيب الله سچل ٿاڻي مان ڦر جي ڪيسن ۾ به مفرور آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.