بيجنگ (م ڊ ) چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم لي ڪيانگ شهباز شريف کي پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. چين جي سرڪاري خابرو اداري موجب چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ پنهنجي واڌاين جي پيغام ۾ چيو آهي ته شهباز شريف ۽ پاڪستان جي نئين حڪومت جي قيادت ۾ گڏيل ڪوششن سان پاڪستان قومي ترقي جي سفر ۾ نيون ڪاميابيون ماڻيندو.چيني صدر زور ڏنو ته چين ۽ پاڪستان کي پنهنجي روايتي دوستي برقرار رکڻ گھرجي ۽ سڀني شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ گھرجي.چيني صدر ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ گھرو ڪرڻ تي به زور ڏنو.