شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي ايران طرفان مبارڪون

تهران (م ڊ) نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف کي وزيراعظم ٿيڻ تي ايران مبارڪون ڏنيون آهن، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير  عبدالهيان سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي مبارڪباد پيش ڪئي، حسين امير عبدالهيان چيو ته شهباز شريف کي 24 هون وزيراعظم چونڊجڻ تي پرجوش مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسلامي جمهوري ايران تمام سطح تي باهمي لاڳاپن ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تياري جي عزم جو اظهار ڪري ٿو، ايراني پرڏيهي وزير ايڪس تي شهباز شريف جي ايوان ۾ تقرير ڪندي تصوير به شيئر ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.