پنجاب ۾ 23 آزاد ميمبرن پاران مريم نواز کان وزارتون طلب

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت ٺھڻ کان اڳ 23 آزاد ميمبرن ھڪ ھڪ ٿي مسلم ليگ ن ۾ شموليت ڪئي ھئي،تڏھن انھن جي شامل ٿيڻ تي پارٽي وڏا شادمانا وڄايا ويا ھئا، پر ھاڻي ڪجهھ ڏينھن کان اھي خبرون گردش ڪري رھيون آھن تھ ن ليگ ۾ شامل ٿيندڙ انھن 23 ڄڻن مريم نواز کان حڪومت ۾ وزارتون گھري ورتيون آھن.ھاڻي پارٽي کي اھو سمجهھ ۾ نھ پيو اچي تھ انھن مان ڪيترن کي وزارتون ڏنيون وڃن. ٻئي پاسي جيڪڏھن  انھن کي وزارتون نٿيون ڏنيون وڃن تھ پوءِ مسلم ليگ ن ۾ ڏار پئجي ويندا، جنھن سان حڪومت ھلائڻ ڏکيو ٿي ويندو،پر جيڪڏھن انھن کي وزارتون ڏنيون وڃن ٿيون تھ ڇا انھن ۾ ايتري اھليت آھي جو اھي وزارتون ھلائي سگھن ٿاصحافي جاويد چوڌري موجب حڪومت شروع ٿيڻ سان ئي پنجاب ۾ اھو مسئلو شروع ٿي ويو آھي.جنھن ڪري لڳي ٿو تھ اھا حڪومت سمجھوتي سان ھلندي،جنھن جو نقصان ٿيڻ جو  امڪان آھي.

نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 04 مارچ 2024 تي شايع ٿي 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.