9 مئي واقعن جي غيرجانبدار جاچ جو مطالبو،آءِ ايم ايف پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو: عمر ايوب

اسلام آباد(م ڊ)سني اتحاد ڪائونسل(پي ٽي آءِ) اڳواڻ  عمر ايوب چيو  آهي ته هي چئي رهيا آهن ته اسان جون ڳالهيون ٿي ويون آهن، لڳي ٿو ته هنن جو رانگ نمبر لڳو آهي، اسان ايندڙ چونڊن ۾ اوهان کي ڏينهن جا تارا  ڏيکارينداسين.قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران عمر ايوب چيو ته شهباز شريف پهريان قانون جي بالادستي جون ڳالهيون ڪري، اسان آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، اسان  ملڪ ۾ جمهوريت جا حامي آهيون ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان کي ماضي  مان سبق سکي اڳيان وڌڻو پوندو. انصاف کان سواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي نه ئي  هن ملڪ ۾ 2 قانون هلي سگهن ٿا،هن چيو ته چوٿون ڀيرو هن پارليامينٽ ۾ اچي رهيو آهيان، اهو ڦيٿو گهمندو آهي، اسان غزه ۾ فلسطين جي نسل ڪشي جي مذمت ڪريون ٿا، فلسطين جي معاملي تي قرارداد آڻينداسين. هن(ن) ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته هي چون ٿا ته اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي پر لڳي ٿو ته هنن جو رانگ نمبر لڳو آهي، اسان جي ڪپتان ۽ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي پاڪستان جي عوام سان ڳالهيون ٿي ويون آهن، اسان کي قومي اسيمبلي ۾ وڏي اڪثريت ملي آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان کان اسان جو نشان ڦريو ويو پر ان باوجود اسان بيٺل رهياسين هن وقت 65 سيڪڙو نوجوان ملڪ ۾ آهن، مان پاڪستان جي عوام کي داد ڏيان ٿو جنهن اسان کي مشڪل صورتحال ۾ به ووٽ ڏنو آهي.جيل ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڪارڪنن کي پي ٽي آءِ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو.عمر ايوب چيو ته تحريڪ انصاف 9 مئي جي واقعن جي ذميوار ناهي، اسان جي 10 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.هن چيو ته سرڪاري ٽي وي منهنجي تقرير ايوان مان لائيو نه ڏيکاري رهي آهي، اسپيڪر قومي اسيمبلي منهنجي تقرير لائيو ڏيکارڻ جو حڪم ڏئي.هنن ماڻهن کي خبر ناهي ته بشرا بي بي عمران خان جي طاقت آهي، ڪمزوري ناهي.هن چيو ته ارشد شريف کي قتل ڪيو ويو، ان جي ڪارروائي کي ڇو روڪيو ويو، زمان پارڪ ۾ زلي شاهه جهڙن بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، 9 مئي تي اسان جي بيگناهه ماڻهن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، اسان جو مطالبو هو ته واقعي جي غيرجانبدارانه جاچ ڪرائي وڃي. حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن.عمر ايوب چيو ته جاويد ملڪ ۽ ذاڪر سميت درجنين ماڻهن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، هن وقت منهنجو ليڊر وزيراعظم عمران خان سياسي قيدي بڻيل آهي، بشرا بي بي کي يرغمال بڻايو ويو آهي، توهان کي خبر ئي ناهي ته بشريٰ بي بي عمران خان جي طاقت آهي،ڪمزوري نه، اسان جو وائيس چيئرمين ۽ صدر سياسي قيدي آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جون عورتون ۽ ڪارڪن سياسي قيدي آهن، منهنجو مطالبو آهي ته بشرا بي بي کي مناسب سهولتون ڏنيون وڃن.هن چيو ته جي ايڇ ڪيو۽ ڪور ڪمانڊر هائوس جا فوٽيج موجود آهن، پي ٽي آءِ شهيدن جا نالا پيش ڪريان ٿو، انهن جو قاتل ڪير آهي؟آءِ ايم ايف عمران خان کي چيو ته توهان معاهدي جي حمايت ڪريو، هن جواب ڏنو ته پاڪستان ۾ شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته هن حڪومت وٽ سڌارن جو مينڊيٽ ناهي، پاڪستان تي قرض انهن ماڻهن جي شاهه خرچين جي ڪري آهي،جيڪو قرض ملي رهيو آهي ان کي پاڪستان جي عوام جي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي،ماڻهن ۾ احساس محرومي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.