ميلبرن (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن روايتي ليٿيم آئن بيٽري جي ابتڙ باهه لڳڻ ۽ ڦاٽڻ جي خطري کان محفوظ پاڻي جي بيٽري ايجاد ڪري ورتي.
ميلبرن جي آر ايم آءِ ٽي يونيورسٽي جي اڳواڻي ۾ عالمي محققن جي ٽيم ۽ صنعتي ڀائيوارن کي ملندڙ اها ڪاميابي پاڻي مان ٺاهيل توانائي ذخيرو ڪندڙ بيٽري جي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي آهي ۽ اها ٽيڪنالاجي جي ڪارڪردگي ۽ ان جي زندگي کي بهتر ڪري سگھي ٿي.
ان نئين بيٽري ۾ آرگينڪ اليڪٽرو لائيٽ بدران پاڻي استعمال ڪيو وڃي ٿو جنهن سان بيٽري محفوظ ٿئي ٿي ۽ روايتي ليٿيم آئن بيٽرين جي ابتڙ ان بيٽري ۾ نه باهه لڳي ٿي نه ئي ڌماڪي سان ڦاٽي ٿي.
تحقيق جي سربراهه ليکڪ پروفيسر ٽيانيي ما موجب انهن بيٽرين کي حفاظت سان کولي سگھجي ٿو ۽ مٽيريل کي ٻيهر استعمال ڪري سگھجي ٿو.
ٻين بيٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ متبادل مواد سستي، گھٽ زهريلي ميگنيزيم ۽ زنڪ جهڙن مٽيريلز جو استعمال بيٽري بنائڻ جي لاڳت کي گھٽائڻ، انساني صحت ۽ ماحوليات لاءِ خطرا گھٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
You might also like