گڏجي فيصلا ڪيون ته چئلينجن کي منهن ڏئي سگهون ٿا: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪڏهن بدلي جي سياست جو سوچيو به ناهي، گڏجي فيصلا ڪيون ته چئلينجن کي منهن ڏئي سگهون ٿا.
وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته اسان سدائين صبر جو مظاهرو ڪيو، اسان بدلي جي سياست جو ڪڏهن سوچيو به ناهي، نواز شريف جي حڪومت جو تختو ٽي ڀيرا اونڌو ڪيو ويو پر هن ملڪ جي مفادن خلاف نه ڳالهايو، محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته آصف زرداري به پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، آصف زرداري ۽ بلاول به ڪڏهن پاڪستان جي مفاد خلاف نه ڳالهايو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچي سڄي اپوزيشن کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو، عورتن ۽ ٻارن لاءِ انتهائي ڪريل لفظ استعمال ڪيا ويا، فوج خلاف زهر اوڳاڇيو، 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ڪيا ويا، 9 مئي جا جوابدار هر صورت ۾ قانون کي منهن ڏيندا، جيڪي بي ڏوهه آهن، انهن کي نقصان نه پهچندو.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، خط لکڻ جو مطلب آهي ته توهان کي پنهنجي آئيني ادارن ۽ پارليامينٽ تي اعتبار ناهي، ان کان وڏي ملڪ دشمني ڪهڙي هوندي، جيڪڏهن اسان گڏ ويهي فيصلا ڪيون ته هماليه کان بلند ۽ سمنڊ کان گهرن چئلينجن کي منهن ڏئي سگهون ٿا، اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته چئلينج ڪهڙا آهن.
شهباز شريف چيو ته بجلي ۽ ٽيڪس چوري قوم جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، جنهن جو سڄو بار غريب تي پوندو آهي، ان ڪينسر کي پاڙئون پٽينداسين، مهانگائي گهٽائي روزگار جا ذريعا وڌائينداسين، قرض هوريان هوريان ختم ڪنداسين، معاشي ميدان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 لک نوجوانن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي خاص تربيت ڏينداسين، ننڍن آبادگارن کي سولر ٽيوب ويل فراهم ڪنداسين.
وزيراعظم چيو ته ماڻهو گم ٿيڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، مسنگ پرسنز جو مسئلو حل ڪرڻ بنا بلوچستان ۾ امن قائم نه ٿيندو، ان معاملي تي مقامي قيادت سان گڏجي فيصلو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.