موهن جي دڙي کان پوءِ ٻيو قديمي شهر دريافت

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي چولستان جي رڻ ۾ گنويري واري هنڌ تي انڊس تهذيب جي قديم شهر جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
چولستان رڻ واري هنڌ گنويري ۾ دفن تقريبن 7 هزار سال قديم شهر جي ڳولا ۽ ان تي قديم آثارن جي ماهرن جي ڪيترن ئي ورهين جي تحقيق کان پوءِ کوٽائي جو باقاعدا شروع ڪئي وئي آهي.
هزارين سال اڳ اهو شهر هاڪڙا درياهه جي ڪناري آبادي هو جنهن کان پوءِ هاڻي هتي کنڊر ۽ هاڪڙا درياهه جا آثار نظر اچن ٿا.
ڊي جي آرڪيالوجي ثاقب سعيد جو چوڻ آهي ته گنويري والا جي دڙن جو پتو 1975ع ۾ لڳايو ويو جنهن جا آثار 80 ايڪٽر علائقي تي پکڙيل آهن، ان کانسواءِ چولستان رڻ ۾ 500 کان وڌيڪ تاريخي ماڳن ۽ قلعن کي محفوظ ۽ بحال ڪرڻ جو ڪم به جلد شروع ڪيو ويندو.
بهاولپور ڊويزن جي ڪمشنر ڊاڪٽر احتشام انور موجب پهرين مرحلي ۾ 6 هفتا کوٽائي ڪئي ويندي ۽ نوادرات هٿ ٿيڻ تي انهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هڙپا منتقل ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ قديمي نوادرات کي بهاولپور ميوزيم ۾ رکيو ويندو.
هن چيو ته ان منصوبي جي پڄاڻي سان چولستان رڻ ۾ عالمي سياحت جي هٿي سان گڏ ملڪي معيشت تي به هاڪاري اثر پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.