افغانستان ۾ شديد برفباري سبب 15 ماڻهو فوت

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ گذريل 3 ڏينهن کان جاري شديد برفباري جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو فوت ۽ گھٽ ۾ گھٽ 30 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
افغان ميڊيا موجب شديد برفباري سبب بلخ ۽ فارياب صوبي ۾ 10 هزار ڍور به مري ويا آهن.
شديد برفباري سبب ڏکڻ وارا صوبا گھڻو متاثر ٿيا آهن ۽ ڪيترين ئي شاهراهن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
افغان اختيارين پاران متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، خراب موسم سبب امدادي ڪارروين ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.