واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن کان اڳ چونڊن جي ڊوڙ ۾ شامل اميدوارن جي عوامي مقبوليت بابت نئين سروي جاري ڪئي وئي آهي.
آمريڪي رسالي نيويارڪ ٽائيمز پاران جاري ڪيل سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدارتي چونڊن جي ڊوڙ ۾ شامل اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مقبوليت جو گراف تيزي سان وڌڻ لڳو آهي.
سروي موجب 48 سيڪڙو ووٽرز ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن ته 43 سيڪڙو جو بائيڊن کي ووٽ ڏيڻ جا حامي آهن.
سروي موجب ڊيموڪريٽس جو وڏو انگ به جوبائيڊن جي پرفارمنس مان مطمئن نه آهي ۽ بائيڊن بدران ڪنهن ٻئي کي صدارتي اميدوار ڏسڻ جا خواهشمند آهن.
واضح رهي ته آمريڪا صدارتي چونڊون هلندڙ سال نومبر ۾ ٿينديون، چيو پيو وڃي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ کي روڪڻ چئلينج هوندو.
Prev Post
You might also like