اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي 16 هون ايوان جو قائد ۽ ملڪ جو 24 هون (نگران وزيراعظمن کي گڏائي ڪري 33 هون) وزيراعظم چونڊي ورتو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم لاءِ ٿيل چونڊ نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته شهباز شريف شريف 201 ووٽ کڻي پاڪستان جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ اميدوار عمر ايوب 92 ووٽ حاصل ڪيا.
ان کان اڳ اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر اسپيڪر جي ڊائيس آڏو احتجاج شروع ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ هو پنهنجي سيٽن تي وڃي ويهي رهيا.
نئين قائد ايوان جي چونڊ عمل کان اڳ اسپيڪر جي حڪم تي 5 منٽن تائين گھٽيون وڄايون ويون، گھنٽيون وڄائڻ کان پوءِ ايوان جا در بند ڪيا ويا ۽ اسپيڪر پاران اعلان ڪيو ويو ته شهباز شريف جي حق ۾ جيڪي ميمبر آهن لابي اي ڏانهن هليا وڃن جڏهن ته عمر ايوب جي حق ۾ ميمبر لابي بي ۾ هليا وڃن.
جي يو آءِ جي ميمبرن وزيراعظم جي چونڊ ڪارروائي جو حصو نه بنيا ۽ قومي اسيمبلي جي هال جا در بند ٿيڻ کان اڳ هال کان ٻاهر هليا ويا جڏهن ته سردار اختر مينگل ايوان ۾ ويٺل رهيو ۽ هن ڪنهن کي به ووٽ نه ڏنو.
حڪمران اتحاد پاران وزيراعظم لاءِ شهباز شريف اميدوار هو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جو عمر ايوب خان هو.
You might also like