بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ شهباز شريف کي پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن.
چين جي سرڪاري خابرو اداري موجب شي جن پنگ پنهنجي واڌاين جي پيغام ۾ چيو ته هو سمجهن ٿا ته شهباز شريف ۽ پاڪستان جي نئين حڪومت جي قيادت ۾ گڏيل ڪوششن سان پاڪستان قومي ترقي جي سفر ۾ نيون ڪاميابيون ماڻيندو.
چيني صدر زور ڏنو ته چين ۽ پاڪستان کي پنهنجي روايتي دوستي برقرار رکڻ گھرجي ۽ سڀني شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ گھرجي.
چيني صدر ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ گھرو ڪرڻ تي به زور ڏنو.
Next Post
You might also like