مڪاني نظام بابت ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ جو معاهدو شايد پنجاب لاءِ هوندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مڪاني نظام بابت ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ن ليگ جو معاهدو شايد پنجاب لاءِ هوندو.
صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي بااختيار مڪاني حڪومتون موجود آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ شروع کان مڪاني حڪومتون موجود ئي ناهن.
هن چيو ته مڪاني حڪومتن کي بهتر بڻائڻو آهي ته سنڌ حڪومت پاڻ اهو ڪم ڪندي.
هوڏانهن ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ آئين جي آرٽيڪل 140 ۾ ترميم تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن موجب آرٽيڪل 140 تحت صوبن کي ڏنا ويندڙ فنڊ ضلعي حڪومتن کي ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.