ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته گلوبل وارمنگ سبب مڇين جو وزن گھٽجندو پيو وڃي.
يونيورسٽي آف ٽوڪيو ۾ ڪيل تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته وڌندڙ گرمي پد سبب پاڻي گرم ٿيڻ جي نتيجي ۾ سمنڊ جي اندر ترندڙ پلينڪٽن (مڇين جي خوراڪ) گھٽبي پئي وڃي جنهن جي ڪري مڇين کي گھربل غذائيت نه پئي ملي.
مطالعي ۾ محققن مڇين جي 13 قسمن جو گڏيل بائيوماس ۽ انفرادي وزن جو تجزيو ڪيو ۽ 1978ع کان 2018ع تائين مڇين جي چئن خاندانن جي 6 قسمن بابت حاصل ٿيل ڊيٽا کي ڏٺو.
تحقيق ۾ 1982ع کان 2014ع جي وچ ۾ سمنڊ جي پاڻي جي گرمي پد جو مطالبو به ڪيو ويو ته جيئن گرمي پد ۾ ٿيندڙ تبديلي سان سمنڊ جي سطح ۽ ان کان هيٺان جي سطح تي پوندڙ ڪنهن قسم جي اٿر کي ڏسي سگھجي.
تحقيق جي نتيجن موجب ٻن دورن ۾ مڇين جي وزن ۾ گھٽتائي ڏٺي وئي، هڪ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ته ٻي 2010ع جي ڏهاڪي ۾.
شروع ۾ وزن ۾ گھٽتائي حقيقت ۾ جاپاني سارڊين جي انگ ۾ واڌ سبب ٿيڻ شروع ٿي، جنهن جي ڪري ٻين قسم جي خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو وڌي ويو.
پر، وڌيڪ تجزيي مان خبر پئي ته موسمياتي تبديلي سبب گم ٿيندڙ سمنڊن جي پاڻي جي نتيجي ۾ خوراڪ لاءِ مقابلو وڌڏيو ڇو جو ٿڌو جُزن سان ڀرپور پاڻي سولائي سان مٿين سطح تائين ناهي اچي سگھندو.
You might also like