ڪابل(م ڊ)افغانستان ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان جاري برفباري جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا فوت ۽ 30 زخمي ٿي پيا آهن.افغانستان جي مقامي خبرن جي ايجنسي طلوع نيوز ۽ برطانوي اخبار دي انڊيپينڊنٽ جي رپورٽن موجب افغانستان ۾ گرمي پد صفر آهي، گذريل ٽن ڏينهن کان جاري سخت سردي ۽ برفباري سبب زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.بلخ ۽ فارياب صوبن مان مليل انگن اکرن موجب تازي برفباري سبب 10 هزار ڍور پڻ مري ويا آهن.
-
ٻوڏ واري صورتحال،گوادر ۾ اڏامون اڱاري تائين ملتوي
گوادر(م ڊ)سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) گوادر ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن اڱاري تائين معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان موجب گوادر ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي فلائيٽ آپريشن معطل ڪرڻ جو نئون نوٽم جاري ڪيو ويو آهي. نئين نوٽم ۾ چيو ويو آهي ته گوادر ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن اڱاري تائين معطل رهندو.ڪمشنر مڪران ڊويزن سعيد احمد عمراني چيو ته 3 ڏينهن ۾ 245 ملي ميٽر برسات پئي، تازي برسات 14 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.
-
چين ۾ شديد برفباري، پارو مائنس 53 ڊگري رڪارڊ
بيجنگ (م ڊ) چين ۾ رڪارڊ ٽوڙ برفباري سبب فصلن کي سخت نقصان پهتو آهي، جڏهن ته چين جي عظيم ديوار به برف سان ڍڪيل آهي، مختلف صوبن ۾ اڄ به سردي جي لهر جاري آهي. چين جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پارو مائنس 53 ڊگري کان هيٺ اچي ويو آهي، روزاني زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي.