ڪوئيٽا(رپورٽ: يار محمد بروھي) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلوچستان جا مسئلا تمام گهڻا آهن ۽ اسان بينظير جي مفاهمتي سوچ موجب گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو پارلياماني ڪميٽي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي جو حل پارلياماني ڪميٽي ٺاهي ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پارليامينٽ جي ٻاهر ويٺل نمائندن ۽ اسٽيڪ هولڊرن سان به مفاهمت سان هلنداسين.هن چيو ته اسان مفاهمت جي سوچ سان بلوچستان ۾ حڪومت هلائينداسين، صوبي جا مسئلا ڪو هڪ شخص يا سياسي جماعت حل نٿي ڪري سگهي.سندس چوڻ هو ته سرفراز بگٽي وڏي وزير طور پنهنجو پهريون دورو گوادر جو ڪندو، هو عوام کي رليف ڏيڻ جو اعلان ڪندو،هن چيو ته پ پ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حڪومت سنڀالي رهي آهي، پارليامينٽ کان ٻاهر ويٺل اسٽيڪ هولڊرن کي انگيج ڪنداسين.هن وڌيڪ چيو ته محمود خان اچڪزئي صدارتي چونڊ لاءِ جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو اميدوار بڻجندو ته پاڻ کي قوم پرست نه چئي سگهندو. هن چيو ته مفاهمتي معاهدو سڄي ملڪ جي ضرورت آهي، مفاهمت جي پاليسي ذريعي ملڪ ۾ موجود فالٽ لائينن جو مقابلو ڪنداسين.