ڊيرا بگٽي ۾ وڏي وزير جي ويجهي ساٿي تي بم حملو

ڪوئيٽا(م ڊ)ڊيرا بگٽي ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي ويجهو ساٿي چيف وڏيرو بهار خان بگٽي جي گاڏي تي بم ڌماڪو ٿيو،  جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب چيف آف نوٿ وڏيرو بهار خان بگٽي جو قافلو ڊيرا بگٽي کان پيرڪوه وڃي رهيو هو ته سندس گاڏي کي ريموٽ ڪنٽرول ذريعي نشانو بڻايو ويو.ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.