اسلام آباد( م ڊ ) 9 مئي تي گلبرگ سانحي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ضمانت تي فيصلو ٻڌايو . لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.