استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار ڪريو: نصيرآباد ۾ زنجيرون پائي احتجاجي ريلي

نصيرآباد(رپورٽ:بشيراحمد بروهي) نصيرآباد جي مقتول قومپرست ڪارڪن ۽ استاد  هدايت لوهار جو ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ زنجيرون پائي احتجاجي ريلي، نصيرآباد جي مقتول قومپرست ڪارڪن ۽ استاد هدايت لوهار جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪالھ پندرهين ڏينھن به نوناري محلي کان هٿن ۾ زنجيرون پائي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شھر توڙي آس پاس سياسي سماجي اڳواڻن، ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جيڪي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندا آرٿر پل تائين پھتا جتي قتل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، جسٽس فار ھدايت الله لوھار ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سسئي لوهار،  شھيد ڀٽو جي اڳواڻ ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، دلدار ايري  علي گل ڪانڌڙو سائين اشفاق مسڻ خطاب ڪندي چيو ته مقتول هدايت لوهار جي قتل خلاف ڪافي ڏينھن کان احتجاج ٿي رهيو آهي پر نصيرآباد پوليس جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري هنن چيو ته آءِ جي سنڌ کان وٺي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو تائين ايس ايس پي قمبر کان وٺي ايس ايڇ او نصيرآباد کي خبر آهي ته نصيرآباد شھر ۾ هڪ شريف استاد ڊيوٽي تي ويندي قتل ڪيو ويو آهي پر قانون کي لاچار ۽ بي حس ڏسي تمام گھڻي تڪليف ٿي رهي آهي پر اسان جو اعلان آهي ته اسان جي جدوجھد به ايستائين جاري رهندي جيستائين هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿا ٿين هنن اعليٰ اختيارين سميت عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هدايت لوهار جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.