لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ننڍ عمر جي ڇوڪرين جي شادين بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۽ يوسي چيئرمين کي ننڍي عمر جي ڇوڪرين جا نڪاح نامه رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انوارالحق پنون رمضانه بي بي جي درخواست تي لکت ۾ عبوري حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شادين بابت وڏو فيصلو ڪندي ننڍي عمر جي شادين بابت قانون تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
حڪم نامي ۾ عدالت حڪم ڏنو ته يوسي چيئرمين فوري طور تي ننڍي عمر جي ڇوڪرين جا نڪاح رد ڪري.
You might also like