جانورن کان يتيم ٻار پالڻ بهتر آهي: بشريٰ انصاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر فنڪارا بشريٰ انصاري چيو آهي ته پالتو جانورن جا شوقين ماڻهو گھڻا جانور رکڻ بدران ڪنهن يتيم ٻار کي هنج وٺي پالين.
هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته هوءَ اهڙي ماڻهن کي سڃاڻي ٿي جيڪي پنهنجن پالتو جانورن تي ماهوار لکين روپيا خرچ ڪن ٿا جيڪڏهن اُهي ٻار هنج وٺي پاليندا ته کين ثواب به ملندو ۽ سڀاڻي اُهو ٻار کين سلام به ڪندو.
هن چيو ته جيڪڏهن جانورن جو شوق هجي ته هڪ ٻه پاليا وڃن پر ٻلين ۽ ڪتن جا درزن پالڻ کان بهتر انسان جي پالنا آهي.
بشريٰ انصاري چيو ته پالتون جانورن تي پنهنجي ڪمائي خرچ ۽ محنت ڪرڻ کان بهتر آهي ته ٻار هنج وٺجن جنهن سان انساني زندگي جو به ڀلو ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.