26 سالن کانپوءِ هيل رمضان المبارڪ سياري ۾ ٿيندو

سڄي دنيا جا مسلمان مارچ ۾ رمضان المبارڪ جي آجيان ڪندا ۽ هن سال رمضان 26 سالن کانپوءِ سياري ۾ اچي رهيو آهي.
فلڪي حساب سان سعودي عرب ۾ پهريون روزو 11 مارچ تي ٿيندو، جڏهن ته ملڪ ۾ سيارو 22 ڊسمبر کان شروع ٿيو ۽ 20 مارچ تائين رهندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته 2024 کان رمضان المبارڪ سياري ۾ ايندو رهندو پر شروعاتي ٻن سالن تائين رمضان جو آخري حصو بهار جي مند ۾ هوندو.
ان کانپوءِ 2031 تائين رمضان المبارڪ سياري ۾ ٿيندو ۽ پوءِ 8 سالن تائين مطلب 2039 تائين سرءُ جي مند ۾ ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.