ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات دوران ڊونلڊ بلوم جو چوڻ هو ته سڀني سفارتڪارن کان اڳ اوهان کي مبارڪون ڏيڻ آيو آهيان، ان موقعي تي وڏي وزير آمريڪي سفير جا ٿورا مڃيا.
ملاقات ۾ آمريڪي سفير وڏي وزير سان سندس ٽئين دور جي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مراد علي شاهه چيو ته نئين حڪومت ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو جي 10 نقطن کي لاڳو ڪيو ويندو جڏهن ته امن امان جي مڪمل بحالي پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته ڪراچي کي صاف پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽرڪچر جي وڌيڪ بهتري سندس ترجيحن ۾ شامل آهي جڏهن ته سوشل پروٽيڪشن تحت صوبي ۾ غربت جو خاتمو ترجيح آهي.
هن چيو ته ته صنعتي زون ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪنداسين، تعليم جي ترقي لاءِ اهم اپاءَ ورتا ويندا.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته صنعتي ۽ زرعي ترقي سان معيشت کي مضبوط ڪنداسين، سنڌ ۾ جيڪي ترقياتي ڪم شروع ٿيا هئا انهن کي مڪمل ڪيو ويندو.
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته آمريڪي حڪومت سنڌ جي عوام جي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي، آمريڪي حمايت تحت تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ سهڪار ڪنداسين.
Next Post
You might also like