صدارتي چونڊن جو شيڊيول جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن 9 مارچ تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ 2 مارچ تي 12 وڳي کان اڳ جمع ڪرائي سگهجن ٿا ۽ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 4 مارچ تي صبح جو 10 وڳي تائين ڪئي ويندي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته نامزدگي ڪاغذ 5 مارچ تي منجهند 12 وڳي تائين واپس وٺي سگهجن ٿا، صدارتي اميدوارن جي لسٽ 5 مارچ تي 1 وڳي پڌري ڪئي ويندي ۽ هٿ کڻڻ جي تاريخ 6 مارچ هوندي.
اليڪشن ڪميشن موجب صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ 9 مارچ تي صبح 10 وڳي کان شام 5 وڳي تائين پارليامينٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته آئين موجب چيف اليڪشن ڪمشنر صدارتي چونڊن جو ريٽرننگ آفيسر هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.