پشاور (ويب ڊيسڪ) سني اتحاد ڪائونسل جو علي امين گنڊاپور خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير چونڊجي ويو.
علي امين گنڊاپور 90 ووٽ کڻي خيبرپختونخوا جو 22هون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي.
علي امين گنڊاپور جو مقابلو مسلم ليگ ن جي اميدوار عباد الله خان سان هو، عباد الله رڳو 16 ووٽ کڻي سگھيو.
وڏو وزير چونڊجڻ بعد علي امين گنڊاپور ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريان ٿو، دعا آهي ته الله تعاليٰ منهنجي مدد فرمائي ۽ آئون عوام جي اميدن تي پورو لهندس.
هن چيو ته 8 فيبروري جون چونڊون خاموش انقلاب هو، چيف جسٽس کي چيو آهي ته چونڊن ۾ مبينا ڌانڌليءَ جو نوٽيس وٺي.
You might also like