اياز صادق قومي اسيمبلي جو اسپيڪر بڻجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جو گڏيل اميدوار سردار اياز صادق هڪ ڀيرو وري قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊن لاءِ اجلاس راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو.
راجا پرويز اشرف پولنگ پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد ٻڌايو ته سردار اياز صادق 199 ووٽ کڻي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي جڏهن ته سندس مخالف سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار ملڪ محمد عامر ڊوگر 91 ووٽ کنيا.
ان کان پوءِ راجا پرويز اشرف اياز صادق کي قومي اسيمبلي جي 23 هين اسپيڪر طور حلف کڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.