اين اين پي جو پارلياماني چونڊ عمل ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ ) عوامي نيشنل پارٽي ( اي اين پي ) پارلياماني اليڪشن جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اي اين پي جي سبراهه اسفند يار ولي جو چوڻ آهي ته سندن اسيمبلي ميمبر، سينيٽ ۾ چونڊ عمل جو حصو نه هوندا.
هن چيو ته اي اين پي سويلين بلادستي، جهموريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي چاهي ٿي، پارٽي موجودا صورتحال ۾ صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ ڪنهن کي راءِ ڏيڻ جي حق ۾ نه آهي.
سندس چوڻ هو ته اڪثريتي پارٽين عهدن جي آڇ ڪئي، اي اين پي اقتدار يا سيٽن لاءِ سياست ناهي ڪندي، اصولي موقف آهي پهريان مينڊيٽ چورن کان مينڊيٽ کسي حقيقي نمائندن کي ڏنو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ۾ ڪردار بابت وڌيڪ فيصلا صلاح مشوري کانپوءِ ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.