اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت ماهوار اڪنامڪ اپ ڊيٽ آئوٽ لُڪ رپورٽ جاري ڪندي نئين حڪومت لاءِ روڊ ميپ واضح ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ آءِ ايم ايف سان آخري اقتصادي جائزو مڪمل ڪرڻ تي زور ۽ آءِ ايم ايف سان جلد نئين قرض پروگرام لاءِ معاهدو اڻٽر قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سخت ۽ غير مقبول فيصلن سان معيشت بحالي جي رستي تي هلي پئي، نئين حڪومت ايف بي آر جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ ضروري سڌارا ڪري.
رپورٽ ۾ پي آءِ اي سوڌو خساري ۾ هلندڙ ادارن کي خانگائڻ به لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته ڏکين سڌارن لاءِ آءِ ايم ايف سان ميڊيم ٽرم سهولتون وٺڻيون پونديون، حڪومت ملڪيتي ادارن ۾ گورنس ۽ مالي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو اهي ته نگران حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت حدف پورا ڪيا، هلندڙ مهيني مهانگائي 25.5 سيڪڙو تائين رهندي ۽ ايندڙ مهيني 24.5 سيڪڙو تائين رهندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو اهي ته جولاءِ کان ڊسمبر تائين 1500 ارب روپيا پرائمري سرپلس رهيو، آءِ ايم ايف جي 0.5 سيڪڙو حد جي ڀيٽ ۾ پرائمري سرپلس 1.5 سيڪڙو رهيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهرين 7 مهينن ۾ برآمدون 9.3 سيڪڙو اضافي سان 18 ارب ڊالر رهيون، جولاءِ کان ڊسمبر تائين ايف بي آر جي ريونيو ۾ 29.8 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 5149 ارب اوڳاڙي ٿي جڏهن ته نان ٽيڪس ريونيو ۾ 116.5 سيڪڙو واڌ ٿي.
رپورٽ موجب مالي سال 2023ع ۾ 7 مهينا ناڻي جي ذخيرن ۾ 50 ڪروڙ ڊالرز جي گھٽتائي ٿي، ستن مهينن ۾ 15 ارب 80 ڪروڙ ڊالرز ناڻو مليو، گذريل مالي سال انهيءَ عرصي ۾ 16 ارب 30 ڪروڙ ڊالرز ناڻي جا ذخيرا هئا.
مالي سال 2023ع جي ستن مهينن ۾ برآمدن ۾ 9.3 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي جنهن کان پوءِ برآمدون 16.4 ارب ڊالرز کان وڌيڪ 18 ارب ڊالر تائين پهچي ويون، پر درآمدن ۾ جولاءِ کان جنوري تائين 11.1 سيڪڙو گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ درآمدون 33.5 ارب ڊالر کان گھٽجي 29.8 ارب ڊالرز تائين رهيون.
رپورٽ موجب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 7 مهينن ۾ 71.2 سيڪڙو گھٽتائي ٿي، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 7 مهينن ۾ 21.4 سيڪڙو گھٽتائي ٿي، هلندڙ مالي سان جولاءِ کان جنوري تائين مالياتي خساري ۾ 43 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب مالي سال 2023ع ۾ پرائمري بيلنس ۾ 103.6 سيڪڙو واڌ ٿي.
You might also like