سر سيد يونيورسٽي جي انتظام هيٺ جاب فيئر 2024 ڪرايو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪناليجي جي شعبي مشاورت ۽ رهنمائي جو مرڪز جي انتظام هيٺ جاب فيئر 2024 جي تقريب ڪرائي وئي جنهن ۾ شهر جي 120 کان وڌيڪ مشهور ڪمپنين شرڪت ڪئي ۽ شاگردياڻين کي ملازمتون حاصل ڪرڻ ۾ مدد، رهنمائي ۽ ٻي ضروري ڄاڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسٽالز لڳايا ويا.

جاب فيئر ۾ ايڪٽنگ رجسٽرار زبير حميدي، ڊين فيڪلتي آف اليڪٽريڪل اينڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ، پوفيسر ڊاڪٽر محمد عامر، ڊين فيڪلٽي آف سول انجنيئرنگ اينڊ آرڪيٽيڪچر، پروفيسر ڊاڪٽر مير شبر علي،ڊين فيڪلٽي آف ڪمپيوٽنگ اينڊ اپلائيڊ سائنس، پروفيسر ڊاڪٽر محمد آصف، مشاورت ۽ رهنمائي جيمرڪز جي ڪنوينئر سراج خلجي سميت ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر افتخار احمد شيخ، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گورننگ باڊي جي ميمبرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

تقريب جي خاص مهمان، هائر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي چيئرمين ايس ايم طارق رفيع ان موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڳالهيون ته اسان سڀ سٺيون ڪندا آهيون پر عملي طور تي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ پوئتي رهندا آهيون. اسان کي پنهنجي نصاب ۽ تعليم جي انداز کي عالمي معيار موجب ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. يونيورسٽين کي انڊسٽري جي ضرورتن موجب گريجوئيٽس کي تيار ڪرڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ فيڪلٽي جي تربيت جو به انتظام ڪرڻ گرجي.

ان موقعي تي ويچار ونڊيندي سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي چانسلر جاويد انوار چيو ته جاب فيئر اهڙو پليٽ فارم آهي جيڪو صنعتي ۽ ڪاروباري ادارن جي شاگردن وچ ۾ سڌي ريت ملاقات جو موقعو فراهم ڪري ٿو.

وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين چيو ته نوان نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، ٽيڪنالاجي وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، رڳو آگاهي پيدا ڪرڻ ڪافي ناهي پر شاگردن جي عملي تربيت به ضروري آهي، ان ڏس ۾ سڀني يونيورسٽين ۽ ادارن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون.

ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر افتخار احمد شيخ چيو ته جيستائين اڪيڊميا، انڊسٽري سان نه ڳنڍبي تيستائين ترقي جي رفتار تيز نه ٿيندي، شاگرد ئي جدت آڻي سگهن ٿا، نصاب کي انڊسٽري جي گهرجن موجب جوڙڻ ضروري آهي.

فيڪلٽي آف اليڪٽرڪل اينڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد عامر چيو ته اسٽوڊنٽس کي انٽرن شپ ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ جاب فيئر بهترين خيال آهي. ان سان صنعتي ۽ ڪاروباري ادارن کي معيار موجب چونڊ جو موقعو ملندو.

فيڪلٽي آف ڪمپيوٽنگ اينڊ اپلائيڊ سائنس جي ڊين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد آصف چيو ته جاب فيئر شاگردن کي صنعت سان ڳنڍڻ ۽ صنعتي ادارن جي اعليٰ عهديدارن سان ملڻ ۽ ملازمت حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

ڪمپيوٽر انجنيئر شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شڪيل سڀني جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.