هاڻي ٽيليگرام تان به پئسا ڪمائي سگھبا

مشهور ميسيجنگ ايپ ٽيليگرام واهپيدارن جلد ان پليٽ فارم تان پئسا ڪمائي سگھندا.

ٽيليگرام جي چيف ايگزيڪٽو ۽ باني Pavel Durov مارچ 2024ع ۾ ايپ ۾ ايڊ (ad)پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ان پليٽ فارم سان ٽيليگرام چينلز هلائيندڙ واهپيدارن کي پئسا ڪمائڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

ڪمپني پاران اهو معاوضو ٽون  (TON) بلاڪ چين جي ذريعي ادا ڪيو ويندو.

چينلز تي اشتهار ڏيکارڻ تي واهپيدارن کي آمدني جو 50 سيڪڙو حصو ملندو.

واضح رهي ته ٽيليگرام چينلز ۾ واهپيدار پنهنجا پيغام تمام گھڻن ماڻهن لاءِ پوسٽ يا براڊ ڪاسٽ ڪندا آهن.

Pavel Durov ٻڌايو ته مارچ ۾ ٽيليگرام ايڊ پليٽ فارم کي لڳ ڀڳ سئو کان وڌيڪ ملڪن جي واهپيدارن لاءِ کوليو ويندو جنهن سان کين مواد تي ڪمائڻ ۾ مدد ملندي.

في الحال واهپيدارن ۾ آمدني ورهائڻ جي طريقيڪار بابت تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.

ٽيليگرام جي پاڻي موجب آمدني جي ورڇ جي عمل کي تيز رفتار ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ اسان ٽون بلاڪ چين کي استعمال ڪنداسين.

يوٽيوب ۽ ايڪس (ٽوئيٽر جو نئون نالو) جهڙا پليٽ فارمز به واهپيدارن سان اشتهاري ڀائيواري ڪندا آهن.

يوٽيوب پاران اشتهاري آمدني جو 55 سيڪڙو حصو واهپيدارن سان شيئر ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ايڪس پاران جولاءِ 2023ع کان اهو سلسلو شروع ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.