سنڌ مدرست الاسلام يونيورسٽي جي ٻن ڏينهن واري ٻي گلوبل ريسرچ ڪانگريس پڄاڻي تي پهتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پاران منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري گلوبل ريسرچ ڪانگريس جي پڄاڻيءَ تي مقررين جو چوڻ هو ته هيءَ هڪ تمام گهڻي ڪامياب عالمي سطح جي ڪانگريس هئي، جنهن ۾ 6 پرڏيهي ملڪن ۽ ملڪ جي مختلف حصن مان اٽڪل هڪ هزار اسڪالرن ڪانگريس ۽ ڇهن بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. اهڙيءَ طرح ان قسم جون بين الاقوامي ڪانفرنسون، ڪانگريسون ۽ سيمينار هڪ ٻئي سان خيالن ۽ تجربن جي مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ ضروري آهن، جن مان ملڪ کي فائدو ٿئي ٿو.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ گلوبل ريسرچ ڪانگريس ۽ ڇهن بين الاقوامي ڪانفرنسن جي ميزبان ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي گلوبل ريسرچ ڪانگريس خالصتاً سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو هڪ خاص برانڊ آهي، جنهن ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي فيڪلٽيءَ جو اهم ڪردار آهي. ڊاڪٽر صحرائي چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته اسان جو ملڪ تحقيقي ڪم جي حوصلا افزائي ڪري اڳتي وڌي سگهي ٿو ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پڻ ان شعبي ۾ پنهنجون توانائيون خرچ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي.

هن قومي ۽ بين الاقوامي اسڪالرن جو شڪريو ادا ڪيو، جن پنهنجي شرڪت سان ڪانگرس ۽ ڪانفرنسن کي ڪامياب ڪرايو. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو به شڪريو ادا ڪيو، جنهن پنهنجي گذريل دور ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۽ سنڌ جي ٻين سرڪاري يونيورسٽين سان تعاون ڪيو ويو، جڏهن هن يونيورسٽين جي گرانٽ 6 ارب رپين مان 23 ارب رپيا ڪئي هئي.

هن سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع جي ڪردار کي پڻ ساراهيو جنهن ڪانگريس کي مالي مدد فراهم ڪئي ۽ انٽرنيشنل ايونٽ منعقد ڪرڻ تيسنڌ مدرسه يونيورسٽي کي ساراهيو. ڊاڪٽر صحرائي سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊز جي کاتي جا به ٿورا پڻ مڃيا. ان سان گڏ هنڪانگريس جي منتظمين ۽ شاگردن جي ڪردار کي به ساراهيو جن ڏينهن رات محنت ڪريڪانگريس کي ڪامياب بڻايو.

سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ سندس ٽيم کي اهڙي شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته هي ڪانگريس منعقد ڪرڻ هڪ سٺو قدم آهي. هن چيو ته هاڻي سنڌ مدرسه يونيورسٽي کي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪندڙ بين الاقوامي فيڪلٽي سان باهمي لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته ڪانگريس ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن پاران جيڪي تجويزون ڏنيون ويون آهن، اهي پاليسي سازن ۽ سنڌ ايڇ اي سي کي پڻ موڪليون وڃن، ان سان گڏ انفرادي طور تي اسان اهي پاڻ يونيورسٽين جي سطح تي لاڳو ڪري سگهون ٿا. آمريڪي اسڪالر آمريڪي اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر ڪيٿ به ڪانگريس بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

ڪانگريس جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ ٻن ڏينهن واري گلوبل ريسرچ ڪانگريس جي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڪانگريس ۽ بين الاقوامي ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن دوران 57 پينلسٽن پينل ڊسڪشنس ۾ حصو ورتو، 204 اسڪالر چيئر ۽ ڪو چيئر هئا، 120 ٽيڪنيڪل سيشن ٿيا، جڏهن ته 22 اهم اسپيڪر هئا، جن ۾ 4 پرڏيهي اسڪالرز به شامل هئا، جن ڪانگريس کي خطاب ڪيو.

اجلاس جي آخر ڪانگريس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عامر اقبال عمراڻي شڪر گذاريءَ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته محترم وفا منصور ٻرڙو، اسسٽنٽ پروفيسر، ايس ايم يو آءِ اجلاس جي ڪارروائي هلائي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر طارق رفيع ۽ ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڪانفرنس ۽ ڪانفرنس جي منتظمين ۽ اسڪالرس کي شيلڊون پڻ ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.