اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان مطالبا تسليم ٿيڻ تائين وفاقي ڪابينا جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم ن ليگ کي پنهنجي فيصلي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ايم ڪيو ايم کي رڳو هڪ وزارت ڏيڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم چئن وزارتن جو مطالبو ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم، ن ليگ کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي گورنرشپ ايم ڪيو ايم کي ڏني وڃي.
ن ليگ ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم سان معاملن تي غور ويچار ڪري ڪو حل ڪڍيو ويندو، ان سلسلي ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن.
ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر ايم ڪيو ايم سينيٽ چيئرمين ۽ صدر جي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ تي راضي ناهي.
You might also like