ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عفت عمر پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي پاڪستان جي سڀ کان خوبصورت سياستدان قرار ڏئي ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي عفت عمر جي انٽرويو جي هڪ ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ کيس مريم نواز جي خوبصورتي بابت ڳالهائيندي ڏسي سگھجي ٿو.
انٽرويو دوران ميزبان عفت عمر کان سوال ڪيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان خوبصورت عورت سياستدان ڪير آهي؟ ان تي عفت عمر چيو ته مريم نواز پاڪستان جي سڀ کان خوبصورت عورت سياستدان آهي جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي.
ان کان پوءِ ميزبان عفت عمر کان سوال ڪيو ته مريم نواز لاءِ چيو ويندو آهي ته هن سرجريز ڪرايون آهن؟ ان تي اداڪارا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سرجريز واري چهري جي خبر پئجي ويندي آهي، ها اهو چئي سگھجي ٿو ته مريم نواز پنهنجو خيال رکندي هوندي، سٺيون ڪريمز لڳائيندي هوندي جيڪي عورتون لڳائينديون آهن پر هن چهري جي سرجري نه ڪرائي آهي.
اداڪارا چيو ته مريم نواز جينياتي طور تي پياري عورت آهي، مريم نواز مون سان گڏ ڪاليج ۾ هئي جيتوڻيڪ هوءَ ان وقت ٿوري ٿُلهي هئي پر تڏهن به سندس چهرو رونق وارو هو.
You might also like