ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا سارا خان بالي ووڊ اسٽار سلمان خان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو دوران ميزبان سارا خان کان سوال ڪيو ته هوءَ ڪهڙي ڀارتي اداڪارا سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيندي جنهن تي سارا خان سلمان خان جو نالو کنيو.
انٽرويو دوران ميزبان سارا خان کان سوال ڪيو ته اوهان جڏهن انڊسٽري ۾ آيا ته ان وقت ڪهڙي اداڪار يا اداڪارا کي آئيڊيلائز ڪيو هو؟
سارا خان چيو ته ائين نه هو جو آئون ڪنهن کي آئيڊيلائز ڪريانڊسٽري ۾ نه آيس پرآئون هڪ شيءِ سوچي انڊسٽري ۾ آئي هيس ته هڪ ڀيرو سلمان خان سان فلم ضرور ڪنديس.
اداڪارا چيو ته ڀارت ۾ منهنجا ڪيترائي مداح آهن، آئون ڀارتي ڊراما نه ڏسندي آهيان پر مڙس فلڪ ڀارت جا سڀ شوز ڏسندو آهي، هو ڀارتي فلمن ۽ ڊرامن جو وڏو مداح آهي.
سارا خان چيو ته ڀارتي فلمن جا سڀ مداح آهن، اسان ننڍپڻ کان شاهه رخ خان، سلمان خان، ريٿڪ روشن جون فلمون ڏسندا پيا اچون.
You might also like