ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي جاري نائين ايڊيشن جي سورهين ميچ جي حوالي سان ڳالهيون سامهون آيون آهن ته ڪراچي ڪنگز جا 13 رانديگر ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف ميچ کان اڳ ئي بيمار ٿي پيا هئا جيڪي بدهاضمي جو شڪار آهن.
ڪراچي ڪنگر جي اڌ کان وڌيڪ ٽيم بدهاضمي جو شڪار ٿي پئي آهي.
ڪراچي ڪنگز جا ڪيترائي رانديگر فوڊ پوائزننگ سبب اسپتال ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 13 رانديگر فوڊ پوائزننگ جو شڪار ٿيا جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف ميچ به کيڏي رهيا آهن.