هنن جي شادي تي 2500 طعام پچايا ويندا، انتظام مڪمل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پهرين کان 3 مارچ تائين گجرات جي ڄام نگر ۾ اننت امباني ۽ راڌيڪا مرچنٽ جي شادي جون تقريبون ٿيڻ واريون آهن ۽ مهمانن لاءِ وڏي پئماني تي مينيو تيار ڪيو ويو آهي.

ٻنهي جي شادي ۾ ٽن ڏينهن دوران مهمانن کي اڍائي هزار کان وڌيڪ طعام پيش ڪيا ويندا ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ٿو ته هو هڪ ئي طعام کي ٻيهر نه کائين.

تقريبن لاءِ 25 کان وڌيڪ ماهر بورچين جي خاص ٽيم اندور کان ڄام نگر پهچندي جيڪا رڳو کاڌن تي ڌيان ڏيندي.

مهمانن جي ٽيبل تائين ٿائي، ميڪسيڪن ۽ جاپاني کاڌن سان گڏوگڏ ايشيائي کاڌا به پهچايا ويندا.

شادي تقريب جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل هن وڊيو ۾ ڏسو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.