نون چونڊيل ايم اين ايز قسم کڻي ورتو، سني اتحاد جو احتجاج، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن قسم کڻي ورتو، جنهن کانپوءِ اسپيڪر راجا پرويز اسڙف ايوان جي ڪارروائي سڀاڻي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس صبح 10 وڳي شروع ٿيڻو هو پر اجلاس مقرر وقت کان هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اجلاس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي.
قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي ڪارروائي دوران نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن اسيمبلي جي رڪنيت جو حلف کڻي ورتو.
قسم کڻندڙن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ن ليگ صدر شهباز شريف، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، خورشيد شاهه، سردار اياز صادق ۽ ٻيا نوان چونڊيل ميمبر شامل هئا.
سني اتحاد جي عمر ايوب، بئريسٽر گوهر، علي محمد خان به قسم کڻي ورتو، استحڪام پاڪستان پارٽي جي عليم خان کي صحيح ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ” لوٽا لوٽا“ جا نعرا لڳائڻ شروع ڪيا.
ان دوران تحريڪ انصاف جي حمايت يافته ڪامياب آزاد اميدوارن ايوان ۾ احتجاج ڪيو ۽ عمران خان سميت ٻين اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو.
ان کانسواءِ محمد خان اچڪزئي ۽ سردار اختر مينگل به حلف کڻي ورتو آهي، حلف برداري کانپوءِ ميمبرن حاضري رجسٽر تي صحيحون ڪيون.
حلف برداري تقريب کانپوءِ ٻيو مرحلو اسيمبلي جي نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو هوندو ۽ پوءِ وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي.
موجودا اسيمبلي 336 ميمبرن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 286 سيٽن تي ميمبر سڌي ريت چونڊ ذريعي چونڊيا ويندا آهن جڏهن ته باقي ميمبر مخصوص سيٽن تي ايوان جو حصو بڻجندا آهن.
وزيراعظم جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 3 مارچ تي جمع ٿيندا، چار مارچ تي قومي اسيمبلي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪندي ۽ چار مارچ تي ئي وزيراعظم جو پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ جو امڪان آهي.
شهباز شريف کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ 169 ووٽ گهربل آهن جڏهن ته هن وقت ن ليگ ۽ اتحادن کي 2 سئو کان وڌيڪ ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.