گوادر ( ويب ڊيسڪ ) گوادر کي طوفاني برساتن کانپوءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال سبب آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي.
گوادري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جاري آهي، نگور ۾ برساتن سبب ٻنين جا حفاظتي بند ٽٽي پيا جنهن سبب پاڻي جي گوادر شهر ڏانهن وڌڻ جو خدشو آهي.
نگران اطلاعات واري صوبائي وزير جان اچڪزئي ٻڌايو آهي ته گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ بابت نگران وڏي وزير سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته گوادر ۾ شديد برساتن کانپوءِ ڪيئي علائقي پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ برساتن جو سلسلو پڻ جاري آهي، لاڳيتي برساتن سبب گهرن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي.
You might also like