دنيا جي سڀ کان وڏي ايئرپورٽ جي مسلمان ملڪ ۾ تعمير

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي دنيا جي بلند ترين عمارت برج الخليفه جو گھر آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اتي گھڻو ڪجهه انوکو آهي.

مستقبل ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ايئرپورٽ به اتي ئي هوندي.

المڪتوم انٽرنيشنل ايئرپورٽ 2010ع کان فعال آهي پر هاڻ ان کي وڌائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

دبئي جي ڏکڻ اولهه ۾ 20 ميل پري موجود اها ايئرپورٽ مستقبل ۾ دنيا جو مصروف ترين هوائي اڏو به هوندو.

دبئي ايئرپورٽ نالي ايئرپورٽ اٿارٽي موجب جڏهن المڪتوم انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ڪم مڪمل ٿي ويندو ته اتي هر سال 16 ڪروڙ کان وڌيڪ مسافرن جي آمد ٿيندي.

هن وقت هارٽسفيلڊ جيڪسن اٽلانٽا انٽرنيشنل دنيا جو مصروف ترين هوائي اڏو آهي جتي 2022ع ۾ لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ ماڻهن جي آمد ٿي هئي.

2023ع ۾ دبئي ايئر شو به المڪتوم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٿيو هوجنهن دوران اختيارين واڌ جي منصوبي جو اشارو ڏنو هو.

UAE to build world's largest airport

دبئي ايپورٽس جي چيف ايگزيڪٽو پال گريفٿ موجب اسان پنهنجن واهيپدارن جي ضرورتن موجب واڌ ۽ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏينداسين ۽ اهڳ ڪم ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ان کي مڪمل نٿو ڪيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته موجود گنجائش کي وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو.

هن ايئرپورٽ جي تعمير مڪمل ٿيڻ جي وقت بابت ناهي ٻڌايو پر نومبر 2023ع ۾ هڪ انٽرويو دوران سندس چوڻ هو ته اهو 2030ع جي ڏهاڪي ۾ ڪنهن به وقت ٿي ويندو.

دبئي ايئرشو جي موقعي تي هن ٻڌايو هو ته نئين ميگا ايئرپورٽ جي ڊزائين تيار آهي جڏهن ته ايونٽ دوران ان جو 3 ڊي ماڊل به پيش ڪيو ويو.

اها ايئرپورٽ هڪ ٻئي وڏي اڏاوتي منصوبي دبئي سائوٿ جي دل هوندي.

دبئي سائوٿ حقيقت ۾ نئون شهر هوندو جيڪو دبئي جي ڏکڻ ۾ 145 ڪلوميٽر ايراضي تي پکڙيل هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.