مارچ ڪهڙن 3 ستارن لاءِ ڏکيو ثابت ٿي سگھي ٿو؟

سال 2024ع جي ٽين مهيني جي شروعات سڀاڻي کان ٿيڻ پئي وڃي ۽ هر مهيني جيان مارچ لاءِ به فلڪيات ماهرن ڪجهه اڳڪٿيون ڪيون آهن.
مستقبل جو ڪو به نٿو ٻڌائي سگھي پر ستارن جي روشني ۾ ماهر مستقبل جو حال ٻڌائيندا آهن جيڪو ڪنهن حد تائين درست ثابت ٿيندو آهي.
اچو ته ڄاڻون ٿا ته ايندڙ مهينو ڪهڙن ٽن ستارن لاءِ ڏکيو گذري سگھي ٿو ۽ اُهي ڪهڙا ستارا آهن جن کي هر قدم ڏسي وائسي کڻڻ جي ضرورت پوندي.
سرطان:
برج سرطان جنهن کي انگريزي ۾ Cancer چيو ويندو آهي، اِهو اُهو ستارو آهي جنهن جو ايندڙ ميهنو سٺو نه گذرڻ جا امڪان آهن.
کين ضرورت آهي ته ڪو به ڪم ڪرڻ کان اڳ سٺي نموني سوچين، اهڙو ڪم جنهن ۾ کين ڪاميابي ملڻ جي اميد نه هجي اُهو نه ڪن، ڪنهن به قسم جو مونجهارو هجي ته پنهنجن ويجهن ماڻهن سان مشورو ڪن.
برج سرطان کي گھرجي ته مارچ ۾ ٿورو ڏسي وائسي قدم کڻن.
برج اسد:
Leo بابت به ماهرن اڳڪٿي ڪئي آهي ته امڪان آهي ته مارچ ان ستاري وارن ماڻهن لاءِ سٺو نٿو گذري سگھي.
ڪيريئر جي حوالي سان لاها چاڙها اچي سگهن ٿا پر پئسي جي معاملي ۾ کين ان مهيني ۾ ڏکيائيون نه ٿينديون، ضرورت آهي ته هن مهيني اوهان صحت جي حوالي سان محتاط رهو.
برج قوس:
مارچ 2024ع قوس جي ماڻهن لاءِ به سٺو گذرڻ جا امڪان نه آهن، ڪوشش ڪريو ته خرچن گهٽايو نه ڏکيائيون ٿي سگھن ٿيون.
Sagittarius سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هن مهيني گھڻو محتاط رهن ۽ ڪنهن کي ڪجه به چوڻ کان اڳ ٿورو سوچين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.