پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت آمريڪا جو اهم موقف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي فوري طور تي معاشي صورتحال کي ترجيح ڏيڻي پوندي.
عمران خان طرفان آءِ ايم ايف کي خط لکڻ بابت سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته آمريڪا قرضن ۽ عالمي مالياتي ادارن جي شيطاني چڪر کان آجو ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو.
هن چيو ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي فوري طور معاشي صورتحال کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ڇو ته ايندڙ ڪيترن ئي مهينن جي پاليسيون پاڪستانين لاءِ معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ انتهائي اهم هونديون.
هن زور ڏيندي چيو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن سان ميڪرو اڪنامڪ سڌارن لاءِ ڪم جاري رکڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.