سني اتحاد جو بابر سليم ڪي پي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ ثُريا بي بي ڊپٽي اسپيڪر چونڊي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار بابر سليم سواتي خيبرپختونخوا اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ ثريا بي بي ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو.
اسپيڪر جي عهدي لاءِ سليم سواتي جو پ پ جي اميدوار احسان الله ميان خيل سان مقابلو هو.
ڪي پي اسيمبليءَ جي اسپيڪر لاءِ ٿيل چونڊ ۾ مجموعي طور تي 106 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، بابر سليم سواتي 89 ووٽ کنيا جڏهن ته احسان الله ميان خيل 17 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.
اسپيڪر جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي اقبال وزير ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو جڏهن ته اسپيڪر جي چونڊ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي ميان عمر به ووٽ پول نه ڪيو، مشتاق غني به اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگهيو.
ڊپٽي اسپيڪر لاءِ سني اتحاد ڪائونسل جي ثريا بي بي ۽ پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينجي ارباب وسيم ۾ مقابلو هو، ثريا بي بي 87 ووٽ کڻي خيبرپختونخوا اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي وئي جڏهن ته ارباب وسيم کي 19 ووٽ مليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.