ڪراچي وارا سڀاڻي گهران نه نڪرن: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برساتن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ سڀاڻي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ اڌ ڏينهن جي ڊيوٽي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ برساتن کي نظر ۾ رکندي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ سڀاڻي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ اڌ ڏينهن جي ڊيوٽي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، مراد علي شاهه عوام کي اپيل ڪئي آهي ته سڀاڻي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن، سڀاڻي 2 وڳي کان ڪراچي ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ رات 2 وڳي کان پوءِ مختلف وقتن تي 4 وڳي برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڊائريڪٽر جنرل پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (ڊي جي پي ڊي ايم اي) سلمان شاهه بريفنگ ڏني.

بريفنگ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته برساتن جي صورتحال ۾ سنڌ جي اترين علائقن ۾ اڄ رات کان 2 مارچ تائين برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته پهرين مارچ تي صوبي جي وڏن شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي.

ڊي جي ڊي ايم اي سلمان شاهه جو چوڻ آهي ته سڄي سنڌ ۾ اڄ رات کان برسات شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ سڀاڻي منجهند کان پوءِ برسات پوڻ جو امڪان آهي، شهر ۾ 12 ڪلاڪن دوران 13 کان 16 ملي ميٽر مينهن وسي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.