ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ سمورن مڪاني ادارن، انتظاميا ۽ اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ برساتن جي اڳڪٿي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪندي سمورن لوڪل باڊيز، انتظاميا ۽ اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي ڊي ايم اي سلمان شاهه چيو ته برسات جو پاڻي خضدار جي جابلو علائقن مان سنڌ ۾ ايندو، ڪراچي ۾ برسات سبب شاهراهه فيصل تي پاڻي جو پريشر هوندو، جنهن تي مراد علي شاهه هن هدايت ڪئي ته ٽريفڪ جا انتظام بهتر ڪيا وڃن.
سنڌ جي وڏي وزير لاڙڪاڻي جي ڪمشنر کي مڪمل انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته برسات جو پاڻي خضدار جي جبل مان سنڌ ۾ ايندو.
ياد رهي ته اڄ کان سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، ايران مان داخل ٿيندڙ هڪ ٻيو مضبوط ويسٽرن سسٽم بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي اڪثر علائقن کي متاثر ڪندو.
نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي امڪاني برساتن ۽ برفباري جي حوالي سان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب تيز برساتن سبب ڪراچي، حيدرآباد، گوادر، پشاور، مردان ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي.