اڄ کان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ اڄ کان هڪ رپين کان 4 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.

ان جو سبب عالمي اگهن، امپورٽ پريميئم ۽ ايڪسچينج ريٽ ۾ معمولي ايڊجسٽمينٽ آهي.

حڪومت پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 869 ارب رپيا اوڳاڙڻ جو بجيٽ هدف مقرر ڪيو آهي.

ناڻي جي شرح جنوري ۾ 27.5 سيڪڙو رڪارد ڪئي وئي هئي.

پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سان وچولي طبقي تي اثر پوندو ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه وڌي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.