ڪراچي ڪنگز جي درجن کان وڌيڪ رانديگرن جو پيٽ خراب، اسپتال داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي درجن کان وڌيڪ رانديگرن جو پيٽ خراب ٿي ويو جڏهن ته هڪ رانديگر اسپتال ۾ داخل ڪرڻو پئجي ويو.
ذريعن موجب، ڪراچي ڪنگز جي 13 رانديگرن بد هاضمي جي شڪايت ڪئي، ڊينئل سيمز کي ڊرپ لڳي آهي، ڊوپلاءِ به اسپتال ۾ داخل آهي جڏهن ته تبريز شمي جي طبعيت به خراب آهي، مير حمزا ۽ عرفات منهاس کي به بخار آهي.
ٽيم ذريعن موجب، ڪراچي ڪنگز جي ٽن رانديگرن کي هوٽل ۾ ڊرپ لڳائي وئي آهي، رانديگرن هوٽل ۾ ئي ماني کاڌي جنهن کانپوءِ اِها صورتحال پيش آئي.
واضح رهي ته اڄ ڪراچي ڪنگز جو مقابلو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز سان شيڊيول آهي.
ٽيم ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي سان رابطي ۾ آهيون ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪجهه رانديگر ميچ لاءِ دستياب هجن.
ٻئي پاسي پي ايس ايل انتظاميا بيماري سبب پرڏيهي رانديگرن جو انگ گهٽائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ڪراچي ڪنگز کي فائنل اليون ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه پرڏيهي رانديگر کيڏائڻ جي اجازت هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.