گوگل ميپس جو نئون بهترين فيچر استعمال ڪرڻ جو طريقو

گوگل ميپس واهپيدارن لاءِ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن جو اعلان ڪمپني هڪ سال اڳ ڪيو هو.
گلانس ايبل ڊائريڪشنز نالي ان فيچر جو اعلان گوگل فيبروري 2023ع ۾ ڪيو هو.
هاڻي هڪ سال کان پوءِ ان کي آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
گلانس ايبل ڊائريڪشنز فيچر بنيادي طور تي گوگل ميپس جي نيويگيشن موڊ کي آٽوميٽڪ اپ ڊيٽس ۽ جي پي ايس ڊائريڪشنز سان سلهاڙي ڇڏيندو.
ڪمپني موجب ان سان واهپيدارن کي رستن جا اپ ٽو ڊيٽ تفصيل حاصل ڪري ملندا.
حقيقت ۾ ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ فون ان لاڪ ڪري گوگل ميپس ايپ کي کولڻ جي به ضرورت نٿي پوي.
ڪمپني ٻڌايو ته ڊوائيس جي لاڪ اسڪرين تي اهو فيچر سسٽم نوٽيفڪيشنز جي ذريعي نظر ايندو جڏهن ته رستو تبديل ڪرڻ تي ميپس پاران روٽ کي پاڻمرادي طور تي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو.
يعني جيڪڏهن اوهان سفر دوران ڪنهن سبب جي ڪري مختلف رخ جي چونڊ ڪريو ٿا ته رستي بابت اپ ڊيٽس فراهم ڪيون وينديون.
اهو فيچر پنڌ ڪرڻ سان گڏوگڏ گاڏي يا موٽرسائيڪل هلائيندي به استعمال ڪري سگھبو.
ان فيچر کي محفوظ ۽ بهتر نيويگيشن لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي ته جيئن سفر ڪندي فون جو استعمال محدود ڪري سگھجي.
اهو فيچر اوهان کي پاڻ ان ايبل ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ ميپس ايپ جي سيٽنگز ۾ وڃي نيويگيشن سيٽنگز۾ وڃو ۽ گلانس ايبل ڊائريڪشنز جي آپشن کي ٽرن آن ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.