بڊاڻي(رپورٽ :مقبول مڙل) بڊاڻي ٿاڻي جي حد گنڊير پڪٽ تي هٿياربندن جي فائرنگ, جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪارعبدالغني شيخ زخمي ٿي پيو، هٿياربند هڪ پوليس اهلڪار اصغر چاچڙ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ بعد فرار ٿي وي، اهڙي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف وارو ماحول ڇائجي ويو، ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي ۽ رينجرز جو ڪرنل واقعي واري هنڌ پھچي ويو انهي موقعي تي ايس ايس پي ڳالهائيندي چيو ته واقعي جو ٻڌي فورن واقعي واري هنڌ پهتو آهيان جلد ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اغوا ٿي ويل پوليس اهلڪار اصغر چاچڙ کي آزاد ڪرايو ويندو ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني ويندي ۽ پوليس پڪٽن تي وڌيڪ نفري مقرر ڪري پڪٽن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، علائقي سميت پوري ڪشمور ضلعي ۾ امن بحال تائين پوليس جو آپريشن جاري رهندو.