ڦل ڀرسان نوجوان ناري ڪارنهن تهمت مڙهي قتل، جوابدار گرفتار

نوشهرو فيروز/ ڦل (نمائندن وٽان) ڦل شهر ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ناري کي قتل ڪيو ويو، يوسي ويسر جي ڳوٺ سوڀو رند ڀرسان مامي پنهنجي ڀاڻيجي کي ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان غير شادي شده ناري حضوران لغاري کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال نوشهرو فيروز آندو ويو جتي مقتول حضوران جي ڀيڻ حرمت لغاري ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ حضوران کي مامي شير لغاري ماريو آهي وڌيڪ هن ڪجهه نه ٻڌايو، جڏهن ته ڀريا پوليس جوابدار شير لغاري کي گرفتار ڪيو آھي جتي هن اعتراف ڪيو ته مون ڀاڻيجي حضوران کي ڪاري ڪري ماريو آهي ۽ مون کي ڪوبه افسوس ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.