گم ٿيل ماڻهن جا وارث پوليس رپورٽن تي مايوس آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪراچي جي مختلف  علائقن مان ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران گم ٿيل ٻن ڀائر محمود الحسن ۽ سعود الحسن جا گهر وارا ۽ وڪيل پيش نه ٿيا، عدالت پوليس جي رپورٽن تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا وارث پوليس جي روايتي رپورٽن تي مايوسي ٿي ويا آهن، ان ڪري گم ٿيل ماڻهن جا وارث ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عدالت ۾ پيش نه ٿيا.عدالت ستن سالن کان گم ٿيل شهري ماجد جي وارثن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گهرو کاتي جي ضابطن موجب شهري جي خاندان کي معاوضو ڏيڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته ماجد ڪنهن حراستي مرڪز يا اداري جي تحويل ۾ ناهي، جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل ماجد کي ڳولڻ لاءِ 18 جي آءِ ٽي ۽ 9 ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿيا آهن، سفري هسٽري موجب گم ٿيل شهري ماجد ملڪ کان ٻاهر نه ويو آهي، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.